ٻيڙيءَ وارو ڪوٽيرو

ٻيڙيءَ وارو ڪوٽيرو: هيءُ ٽڪريءَ تي پٿرن جو ڪوٽيڙو سنڌو تهذيب جو ماڳ آهي. هيءُ ماڳ ديھه ڏيسوئي، تپي ڏيسوئي تعلقي ٿاڻي بولاخان ضلعي ڄام شوري ۾ آهي، جيڪو ھڪ ٽڪريءَ تي دراوت لڪ جي اولھ ۾ ٽن ڪلوميٽرن جي فاصلي تي، ۽ ٿاڻي بولاخان کان ٨ ڪلوميٽر اتر اوڀر ڪنڊ تي واقع آھي. پٿرن جي گول دائري وٽ ثقافتي وٿون ملن ٿيون. جيڪي سنڌو تھذيب سان ڀيٽڻ جھڙيون آھن. تجرباتي کڏا بھ کوٽيل آھن. ٽڪريءَ تي ھڪ فوٽ ٿلھو ثقافتي تهه آھي جنھن تي سنڌو تھذيب واريون وٿون ملن ٿيون .


هن صفحي کي شيئر ڪريو